اي. آر بلوچ

اي. آر بلوچ

اي آر بلوچ

اي. آر بلوچ: مشھور اداڪار ۽ صداڪار اي. آر بلوچ جو اصل نالو عبدالرسول ولد اُميد علي شاهاڻي بلوچ آهي. سندس جنم حيدرآباد جي پڪي قلعي واري علائقي ۾ 15 مارچ 1923ع تي ٿيو. هن سنڌي ڊرامن ۾ پنھنجي آواز ذريعي هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. هن کي فني دنيا ۾ آڻيندڙ اداڪار فريد نواز بلوچ هو. هن رائل ايئر فورس ۾ نوڪري ڪئي. نوڪري ڪرڻ دؤران نماز پڙهڻ جي اجازت نه ملڻ تي آفيسر سان سندس منھن ماري ٿي، جنھن ڪري کيس چريو قرار ڏيئي نوڪري مان ڪڍي، گدوءَ واري چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. اسپتال مان صحتياب ٿيڻ تي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر پنھنجي نياڻي کيس نڪاح ۾ ڏني. جنھن مان کيس هڪ پُٽ ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو. ريڊيو پاڪستان تي کيس انور بلوچ ۽ ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. ٽي. وي تي سندس پھريون ڊرامو آغا رفيق جو لکيل ’خوابن جو سورج’ هو. سنڌي فلمن: ’ليليٰ مجنون‘، ’بادل ۽ برسات‘ ۽ ’رت ۽ اجرڪ‘ ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. ان کان علاوه ’ديوارين‘، ’جنگل‘، ’هٿين گُل ميندي‘، ’دنگي منجهه درياءَ‘، ’بخت خان‘ ۽ ’ٽيپو سلطان‘ سندس مشھور ڊراما هئا. عمر جي آخري حصي ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو، جنھن سبب 82 سالن جي عمر ۾ پھرين جولاءِ 2005ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


لفظ اي آر بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.03.15  عيسوي

مشھور اداڪار ۽ صداڪار اي. آر بلوچ جو اصل نالو عبدالرسول ولد اُميد علي شاهاڻي بلوچ آهي. سندس جنم حيدرآباد جي پڪي قلعي واري علائقي ۾ 15 مارچ 1923ع تي ٿيو.


2005.07.01  عيسوي

اي. آر بلوچ 82 سالن جي عمر ۾ پھرين جولاءِ 2005ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
سنت بابا گوبندرام
ڀَنڀو
بهو بيگم عرف صاحب دولت
ڏاهري غلام محمد
ٽراٽسڪي
ديوان گدو مل
استاد لغاري
ترون منسکاڻي
تاج محمد شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون